جديد انسان جو مذهب

جديد انسان جو مذهب (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب برطانيا جي جڳ مشهور تعليمي ۽ نفسياتي ماهر ڊاڪٽر جيمس هيمنگ جي لکيل ڪتاب ”Instead of God“ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ’ضمير‘ نالي ليکڪ ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب انسان، زندگيءَ، ڌرتيءَ ۽ ڪائنات متعلق هڪ جديد، غير مذهبي ۽ سائنسي موضوعن وارو نقطه نظر پيش ڪري ٿو ۽ هن وقت تائين ڪيل سائنسي تحقيقن جو نچوڙ ڏئي ٿو. ڪائنات جي وسعت ۽ ان ۾ انسان جي حيثيت (انسان جي ارتقا سميت) انسان جي سڀاءَ جي منفي ۽ مثبت پاسن جي سائنسي ڇنڊڇاڻ، عورتن سان اڻبرابري واري سلوڪ جو مذهبي روپ، مذهبن جو ڪردار، انساني شعور جا قسم، ڌرتيءَ جي سار سنڀال ۽ ٻيا موضوع شامل آهن. 200 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 130 روپيا آهي. هن ڪتاب کي ’ڏاهپ بوڪ سيريز سانگهڙ‘ ڇپايو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو